پروفيسر ڊاڪٽر عبدالقادر کيڙو

پروفيسر ڊاڪٽر عبدالقادر کيڙو

عبدالقادر عرف قادري کيڙو ڊاڪٽر

عبدالقادر عرف قادري کيڙو، ڊاڪٽر: سنڌ ۾ ڏندن جي ناليواري ڊاڪٽر ۽ والي بال جي مشهور رانديگر پروفيسر عبدالقادر کيڙي، 26 اپريل 1945ع تي ڳوٺ جان محمد خشڪ، تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو. جڏهن ته سندس اصل ڳوٺ ملڪ، ضلعو نوشهرو فيروز ۾ اٿس. سندس والد 1951ع ۾ اولاد جي تعليم لاءِ ملڪ ڳوٺ مان لڏي دادو شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي. هن سنڌي تعليم دادو شهر جي پرائمري اسڪول مان ۽ مئٽرڪ پرمانند هرداس هاءِ اسڪول مان ڪئي. محنت ۽ ذهني قابليت سان ڏندن واري شعبي ۾ بي. ڊي. ايس ڪيائين. برطانيا مان ايم. ايس. سي ۽ ايف. ڊي. ايس جون ڊگريون 1970ع ۾ حاصل ڪيائين. 2001ع تائين لياقت ميڊيڪل اسپتال يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر جي عهدي تي رهيو ۽ 23 سال اتي شاگردن کي پڙهايائين. جنهن بعد اسريٰ يونيورسٽي حيدرآباد ۾ ڏندن جي شعبي ۾ انچارج پروفيسر ۽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر پڻ رهيو. ڊاڪٽر عبدالقادر ڏندن جي شعبي ۾ پاڪستان جو ٻيو نمبر ۽ سنڌ جو پهريون سرجن هو. هن ويهن کان مٿي بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ حصو ورتو. کيس حيدرآباد ۾ صدر جي علائقي ۾ ڏندن جي اسپتال هئي.ڊاڪٽر عبدالقادر کيڙو والي بال راند جي مشهور رانديگرن مان هڪ هو. هن راند جي شروعات 1962ع ۾ هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران ڪئي. ابتدا ۾ ناز ڪلب ۾ کيڏندو هو. قدآور هجڻ ۽ تيز اسٽروڪ سبب پهرين صف جي رانديگرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. 1963ع ۾ قربان ڪلب طرفان ڪرايل آل پاڪستان ٽورنامينٽ ۾ وچ نيٽ تي اعليٰ ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيائين. بعد ۾ شاهين ڪلب جو ميمبر ٿيو. ڪجهه سال شاهين ڪلب سان کيڏڻ بعد 1968ع ۾ قربان ڪلب جو ميمبر ٿيو. سندس راند جو انداز ٻين رانديگرن جي ڀيٽ ۾منفرد رهيو آهي، اڪثر ڪري ساڄي پاسي کيڏڻ ۽ ضرورت وقت وچ نيٽ تي کيڏڻ کي ترجيح ڏيندو رهيو آهي. واليون ۽ ٻه هٿڙيون هڻڻ ۽ پوئتي ويندڙ بال کي پنهنجي فيلڊ کان ڀڙڪو ڏئي جمپ هڻي زوردار ڌڪ هڻڻ سندن خاص خوبي رهي. راند جي دنيا ۾ کيس اصل نالي بدران قادري جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هن وقت وڏي عمر ۽ نوڪري جي مصروفيات سبب راند ته ڪو نه ٿو ڪري پر راند جي ترقيءَ لاءِ خدمت ڪندو رهيو. ڊاڪٽر کيڙو آخري وقت ۾ بيماريءَ سبب سينگاپور جي هڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ رهيو، جتي 6 سيپٽمبر 2017ع تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1945.04.26  عيسوي

پروفيسر عبدالقادر کيڙي، 26 اپريل 1945ع تي ڳوٺ جان محمد خشڪ، تعلقي دادوءَ ۾ جنم ورتو.


2017.09.06  عيسوي

ڊاڪٽر عبدالقادر کيڙو آخري وقت ۾ بيماريءَ سبب سينگاپور جي هڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ رهيو، جتي 6 سيپٽمبر 2017ع تي وفات ڪيائين.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مير رستم خان ٽالپر
سوامي گرمکداس مهراج
ٽنڊو آغا
پوڪرداس ٿانور داس
پنا لال گهوش بانسري نواز
ڄام راهو
امام علي بيگ ميرزا علي
سوامي موتيرام آشرم ۽ پنچائتي ٿلهو
اسد الله ڀٽو پروفيسر
آفتاب شعبان ميراڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون